ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻ جاويد بلواڻي ۽ گل پلازا جي صدر تنوير پاستا هڪ وفد سان گڏ گورنر هائوس ۾ ٻيو ڀيرو ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران تنوير پاستا گل پلازا سانحي ۾ بروقت بچاءُ آپريشن ۽ اثرائتي قدمن لاءِ گورنر سنڌ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته …
سنڌ جي گورنر سان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻ جاويد بلواڻي ۽ گل پلازا جي صدر تنوير پاستا پاران وفد سان گڏ ملاقات
ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳواڻ جاويد بلواڻي ۽ گل پلازا جي صدر تنوير پاستا هڪ وفد سان گڏ گورنر هائوس ۾ ٻيو ڀيرو ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران تنوير پاستا گل پلازا سانحي ۾ بروقت بچاءُ آپريشن ۽ اثرائتي قدمن لاءِ گورنر سنڌ جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته گورنر سنڌ تمام ڏکين حالتن ۾ فوري ۽ عملي ڪردار ادا ڪيو، جنهن قيمتي انساني جانين کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي. هن گل پلازا جي متاثرين جي بحالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿارڻ تي گورنر سنڌ جو شڪريو پڻ ادا ڪيو. ان موقعي تي گورنر سنڌ ۽ ڪراچي چيمبر پاران متاثرين جي بحالي، ڪاروباري سرگرمين جي تحفظ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، جن تي تنوير پاستا پنهنجي اصولي رضامندي جو اظهار ڪيو. ميمبر قومي اسيمبلي ارشد وهره، ميمبر سنڌ اسيمبلي طحه ۽ ٻيا معزز ماڻهو پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. سنڌ جي گورنر ان عزم کي ورجايو ته متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ حڪومت سڀني موجود وسيلن کي استعمال ڪندي بحالي جي عمل کي يقيني بڻائيندي.











