لاڙڪاڻي واسين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو: جميل احمد سومرو

لاڙڪاڻو-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو پنهنجي رهائشگاھ تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين سان ملاقاتون ڪيون ، جنهن دوران هن ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ کان پوءِ سندن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته لاڙڪاڻي واسي …

لاڙڪاڻو-21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو پنهنجي رهائشگاھ تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين سان ملاقاتون ڪيون ، جنهن دوران هن ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ کان پوءِ سندن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته لاڙڪاڻي واسي منهنجي تڪ جا شهري آهن، جن جي مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، جڏهن ته ڪنهن به شهري کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، جيڪو به اسان وٽ ايندو ان جي هر ممڪن مدد ڪبي. هن چيو ته پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تي لاڙڪاڻي واسين جي خدمت ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ صفائي سٿرائي ۽ لائٽنگ جو ڪم هلندڙ آهي ته جيئن شهرين کي ڪابه تڪليف نه پهچي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي، جنهن جي منشور تحت شهرين لاءِ اسان جا دروازا هر وقت کليل آهن، جيڪي ڪنهن به وقت بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچي اسان سان ملي سگهن ٿا ته جيئن سندن  مسئلا فوري طور تي حل ڪري سگهجن.