لاڙڪاڻو-21 جنوري(اي پي پي) وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي اهتمام هيٺ ملڪ جي ٻين علائقن جيان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ به ساليانا امتحان نهايت منظم، پرامن ۽ شفاف ماحول ۾ ڪاميابي سان جاري آهن، جتي ديني تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ ان جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا انتظام انتهائي مثالي نموني سان مڪمل ڪيا ويا آهن. گلشنِ شهيد اسلام جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث کي باقاعده امتحاني مرڪز قرار ڏنو ويو آهي، جتي مختلف درجن جا شاگرد ۽ ساگردياڻيون پوري ڌيان، برابري ۽ …
وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي اهتمام هيٺ لاڙڪاڻو ۾ ساليانا امتحان جاري
لاڙڪاڻو-21 جنوري(اي پي پي) وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي اهتمام هيٺ ملڪ جي ٻين علائقن جيان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ به ساليانا امتحان نهايت منظم، پرامن ۽ شفاف ماحول ۾ ڪاميابي سان جاري آهن، جتي ديني تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ ان جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا انتظام انتهائي مثالي نموني سان مڪمل ڪيا ويا آهن. گلشنِ شهيد اسلام جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث کي باقاعده امتحاني مرڪز قرار ڏنو ويو آهي، جتي مختلف درجن جا شاگرد ۽ ساگردياڻيون پوري ڌيان، برابري ۽ اعتماد سان امتحاني مرحلا طئي ڪري رهيا آهن. امتحاني ماحول سنجيدگي، خاموشي ۽ نظم و ضبط جو اعليٰ مثال پيش ڪري رهيو آهي. امتحاني عمل جي نگراني مولانا ناصر محمود سومرو، ميمبر مجلس عامله ۽ معاون ناظم ڊويزن لاڙڪاڻو ۽ سکر، وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي اڳواڻيءَ ۾ جاري آهي، جڏهن ته پنجاب کان آيل نگرانِ اعليٰ مولانا ناصر امين جي سڌي نگراني شفافيت ۽ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. ان حوالي سان صوبائي معاون ناظم علامه ناصر خالد محمود سومرو چيو آهي ته وفاق المدارس العربيه پاڪستان طرفان جاري ڪيل امتحاني پاليسي، ضابطه اخلاق ۽ هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو پيو وڃي. امتحاني هالن ۾ موثر نگراني، مڪمل چيڪنگ ۽ قاعدن ضابطن جي پابندي هر سطح تي يقيني بڻائي وئي آهي، جڏهن ته نقل ۽ ٻين غيراخلاقي سرگرمين جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. امتحاني مرڪز ۾ طالبعلم ۽ طالبات لاءِ بنيادي سهولتن جو پڻ مناسب ۽ اطمينان بخش بندوبست موجود آهي. صفائي، روشني، ۽ ٻين انتظامي معاملن کي بهترين نموني سان منظم ڪيو ويو آهي، جنهن تي طالبعلمن، استادن ۽ والدين اطمينان ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته وفاق المدارس العربيه پاڪستان جا ساليانا امتحان 17 جنوري کان 22 جنوري تائين جاري رهندا، جن ۾ مختلف درجن جا هزارين طالبعلم ۽ طالبات حصو وٺي رهيا آهن. اهي امتحان ديني تعليمي نظام جي استحڪام، شفافيت ۽ اعتماد جو روشن مثال آهن، جيڪي امت جي اڪابرينِ جي علمي ورثي جي تسلسل ۽ قوم لاءِ فخر ۽ اعزاز جو سبب آهن. هن چيو ته وفاق المدارس اهو واحد تعليمي ادارو آهي، جيڪو نهايت گهٽ فيس جي باوجود صرف هڪ مهيني اندر امتحاني نتيجا جاري ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته وفاق المدارس هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪري امير ۽ غريب جي وچ ۾ موجود سموري تعليمي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ديني مدرسن ۾ نه ڪو طبقاتي تعليمي نظام رائج آهي ۽ نه ئي صوبائي بنيادن تي الڳ الڳ نصاب موجود آهن. ڪراچي کان چترال ۽ گلگت بلتستان تائين ۽ تربت ۽ مڪران جي علائقن کان وٺي ڪشمير جي آخري سرحدن تائين، طالبعلم ۽ طالبات هڪ ئي نصاب تحت تيار ڪيل سواليه پرچن ۾ امتحان ڏئي رهيا آهن.











