حيدرآباد -21 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته سنڌ اوليائن، درويشن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، جتي محبت، رواداري ۽ امن جو پيغام نسلن تائين منتقل ٿي رهيو آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درٻار تي حاضري سان کيس روحاني سڪون ۽ دلي خوشي جو سبب بڻي، هتي اچي جيڪا فضا محسوس ٿي اها بيان ڪرڻ کان گهڻي آهي، انهن خيالن …
سنڌ حڪومت ثقافت ۽ ورثي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻندي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي
حيدرآباد -21 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته سنڌ اوليائن، درويشن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، جتي محبت، رواداري ۽ امن جو پيغام نسلن تائين منتقل ٿي رهيو آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درٻار تي حاضري سان کيس روحاني سڪون ۽ دلي خوشي جو سبب بڻي، هتي اچي جيڪا فضا محسوس ٿي اها بيان ڪرڻ کان گهڻي آهي، انهن خيالن جو اظهار هن ڀٽ شاهه ۾ عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري کان پوءِ اي پي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير مزار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، اتحاد ۽ خوشحالي لاءِ پڻ دعا گهري. هن چيو ته اسان کي ڪامل يقين آهي، ته الله پاڪ پنهنجي نيڪ بندن جون دعائون ضرور قبول فرمائيندو آهي.

وفاقي وزير چيو ته سنڌ جي ثقافت پنهنجي وسعت ۽ خوبصورتي عيوض سڄي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿو. هتي جي ماڻهن جو لباس، رهڻي ڪهڻي، ٻولي، موسيقي ۽ صوفي روايت اسان جي قومي سڃاڻپ جو قيمتي اثاثو آهن. شاهه سائين جو محبت پيغام اڄ به دلين کي ڳنڍي رهيو آهي ۽ معاشري ۾ هم آهنگي پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ، صوبائي حڪومتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ وارا عملي قدم جاري رکندي. هن سنڌ آرڪيالاجي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته سمورا ادارا گڏجي سنڌ جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ ۾ مصروف آهن. بعد ۾ وفاقي وزير درگاهه جي صحن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام ٻڌو، جنهن جي وجد طاري ڪندڙ ڌن صوفياڻي فضا کي وڌيڪ معطر ڪري ڇڏيو، هن مزار جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو.











