لاڙڪاڻو - 21 جنوري(اي پي پي) ڪراچي جي آرڪيٽيڪچر انجنيئرنگ ٽيم ڪالهه نيو بس ٽرمينل لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو، جتي ٽيم ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنه کي بس ٽرمينل جي جديد ڊيزائن، منصوبه بندي ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ حڪومت جي تعاون سان نيو بس ٽرمينل کي جديد طرزِ تعمير مطابق ڊزائن ڪيو پيو وڃي ته جيئن شهرين کي بهتر، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون ملي سگهجن. ميئر …
ڪراچي جي آرڪيٽيڪچر انجنيئرنگ ٽيم پاران نيو بس ٽرمينل لاڙڪاڻو جو دورو
لاڙڪاڻو – 21 جنوري(اي پي پي) ڪراچي جي آرڪيٽيڪچر انجنيئرنگ ٽيم ڪالهه نيو بس ٽرمينل لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو، جتي ٽيم ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنه کي بس ٽرمينل جي جديد ڊيزائن، منصوبه بندي ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سنڌ حڪومت جي تعاون سان نيو بس ٽرمينل کي جديد طرزِ تعمير مطابق ڊزائن ڪيو پيو وڃي ته جيئن شهرين کي بهتر، محفوظ ۽ معياري سفري سهولتون ملي سگهجن. ميئر لاڙڪاڻو منصوبي کي شهر جي ترقي ۽ جديد ٽرانسپورٽ نظام طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي معيار ۽ ان کي بروقت مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو جنهن سان مسافرن کي جديد سهولتون ملنديون.ميئر لاڙڪاڻو وڌيڪ چيو ته هي منصوبو لاڙڪاڻي ۾ جديد سفري سهولتن جي بھتري ۽ شهري ترقي طرف هڪ بهترين قدم ثابت ٿيندو.











