آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جهاز ڊيووس ويندي فني خرابي جو شڪار، واشنگٽن واپس موٽايو ويو

واشنگٽن - 21 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جهاز سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ويندي فني خرابي جو شڪار ٿي ويو جنهن سبب جهاز کي واپس آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن موٽايو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ صحافين کي ٻڌايو ته هي هڪ معمولي مسئلو هو جنهن سبب آمريڪي صدر جو جهاز  ايئر فورس -1 کي اينڊريوز ايئر فورس بيس تي واپس موٽايو …

واشنگٽن – 21 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جهاز سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ويندي فني خرابي جو شڪار ٿي ويو جنهن سبب جهاز کي واپس آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن موٽايو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ صحافين کي ٻڌايو ته هي هڪ معمولي مسئلو هو جنهن سبب آمريڪي صدر جو جهاز  ايئر فورس -1 کي اينڊريوز ايئر فورس بيس تي واپس موٽايو ويو. وائيٽ هائوس جي پريس پول مطابق جهاز جي بجلي جي اوزارن ۾ خرابي ڏسڻ ۾ آئي هئي.رپورٽ مطابق آمريڪي صدر هاڻي هڪ ٻي جهاز وسيلي سوئٽزرلينڊ ويندو.

مزید خبریں