ٽوڪيو -21 جنوري (اي پي پي) جاپان جي عدالت ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي جي قتل ڪيس ۾ ٽيٽسويه ياما گامي کي ڏوهاري قرار ڏيندي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ياما گامي چونڊ مهم دوران شنزو آبي کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. جڏهن ته سندس وڪيل عدالت کان 20 سال قيد جي سزا ڏيڻ جي گذارش ڪئي هئي.بچاءَ واري وڪيل جو …
جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي جي قاتل کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي

مزید خبریں
ٽوڪيو -21 جنوري (اي پي پي) جاپان جي عدالت ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي جي قتل ڪيس ۾ ٽيٽسويه ياما گامي کي ڏوهاري قرار ڏيندي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ياما گامي چونڊ مهم دوران شنزو آبي کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. جڏهن ته سندس وڪيل عدالت کان 20 سال قيد جي سزا ڏيڻ جي گذارش ڪئي هئي.بچاءَ واري وڪيل جو موقف هو ته جوابدار اهو قدم سخت ذهني دٻاءَ ۾ اچي کنيو، جيڪو سندس خانداني حالتن سان جڙيل آهي. وڪيل موجب اهو دٻاءُ سندس والده جي هڪ مذهبي گروه سان وابستگي سبب پيدا ٿيو. جنهن کي عام طور تي يونيفڪيشن چرچ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. عدالت سمورن دليلن ٻڌڻ کان پوءِ عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي چيو ته اهوڏوهه نهايت سنگين نوعيت جو آهي ۽ ان جا جاپاني معاشري تي گهرا اثر پيا آهن.











