مون نيٽو کي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان بچايو: آمريڪي صدر جي دعويٰ

واشنگٽن -21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اولهه جو دفاعي اتحاد نيٽو  سندس ڪردار ۽ قيادت کان سواءِ قائم نه رهي سگهي ها ۽ هن نيٽو کي اهو ڪجهه ڏنو جيڪو ڪو به اڳوڻو آمريڪي صدر فراهم ناهي ڪري سگهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن هو منظر تي نه اچي ها ته نيٽو …

واشنگٽن -21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته اولهه جو دفاعي اتحاد نيٽو  سندس ڪردار ۽ قيادت کان سواءِ قائم نه رهي سگهي ها ۽ هن نيٽو کي اهو ڪجهه ڏنو جيڪو ڪو به اڳوڻو آمريڪي صدر فراهم ناهي ڪري سگهيو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن هو منظر تي نه اچي ها ته نيٽو جو وجود ئي ختم ٿي وڃي ها. هن زور ڀريندي چيو ته اتحاد کي برقرار رکڻ ۾ سندس مداخلت فيصلائتي ثابت ٿي ۽ ان کي هن هڪ افسوسناڪ پر سچي حقيقت قرار ڏنو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته سندس دٻاءُ جي نتيجي ۾ نيٽو جي ميمبرن ملڪن دفاعي خرچن ۾ اربين ڊالرن جو اضافو ڪيو جيڪو سندس پاليسي جو ڪامياب ثبوت آهي. هن چيو ته هن نيٽو کي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان بچايو.

مزید خبریں