گڏيل قومون - 21 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اوڀر بيت المقدس ۾ اسرائيل پاران گڏيل قومن جي ھڪ ڪمپائونڊ کي ڊاھڻ جي سخت مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق جاري بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل فلسطيني پناھگيرين لاءِ گڏيل قومن جي اداري (انروا) جي شيخ جراح ڪمپائونڊ کي ڊاھڻ کي اسرائيلي اختيارين جو قبول نه ڪرڻ …
انتونيو گوتريش پاران اوڀر بيت المقدس ۾ گڏيل قومن جي عمارت کي ڊاھڻ جي مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون – 21 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اوڀر بيت المقدس ۾ اسرائيل پاران گڏيل قومن جي ھڪ ڪمپائونڊ کي ڊاھڻ جي سخت مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق جاري بيان ۾ چيو ته سيڪريٽري جنرل فلسطيني پناھگيرين لاءِ گڏيل قومن جي اداري (انروا) جي شيخ جراح ڪمپائونڊ کي ڊاھڻ کي اسرائيلي اختيارين جو قبول نه ڪرڻ جوڳو قدم قرار ڏنو. ھن واضح ڪيو ته اھو ڪمپائونڊ گڏيل قومن جي ملڪيت آھي ۽ ڪنھن به قسم جي مداخلت يا ڪارروائي کان مڪمل طور محفوظ آھي. فرحان حق مطابق انتونيوگوتريش ان موقف جو اظھار ڪيترن ئي موقعن تي ڪري چڪو آھي، جنھن ۾ 8 جنوري 2026ع تي اسرائيل جي وزيراعظم کي لکيل خط به شامل آھي، جنھن ۾ ھن واضح طور چيو ھو ته شيخ جراح ڪمپائونڊ دستور طور گڏيل قومن جي ملڪيت آھي ۽ ان کي عالمي تحفظ حاصل آھي. بيان ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت تي زور ڀريو آھي ته ڪمپائونڊ کي ڊاهڻ جو عمل فوري طور تي بند ڪري ۽ بنا ڪنھن دير جي لاڳاپيل ڪمپائونڊ سميت انروا جون ٻيون عمارتون گڏيل قومن کي واپس ڪري ۽ انهن جي بحالي کي يقيني بڻائي. گڏيل قومن جي سربراھه انروا خلاف چڙ ڏيائيندڙ قدمن کي به مڪمل طور نه قبولڻ جوڳو قرار ڏنو.











