ڊونلڊ ٽرمپ پاران گڏيل قومن تي تنقيد، بورڊ آف پيس  کي امڪاني متبادل قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن - 21 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي وسيع صلاحيتن سبب برقرار رهڻ گهرجي پر سندس طرفان تجويز ڪيل بورڊ آف پيس  مستقبل ۾ گڏيل قومن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي ٻي صدارتي مدي جي پهرين سالگره جي موقعي تي اٽڪل 2 ڪلاڪن جي ڊگهي خطاب دوران آمريڪي صدر ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن …

واشنگٽن – 21 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي وسيع صلاحيتن سبب برقرار رهڻ گهرجي پر سندس طرفان تجويز ڪيل بورڊ آف پيس  مستقبل ۾ گڏيل قومن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي ٻي صدارتي مدي جي پهرين سالگره جي موقعي تي اٽڪل 2 ڪلاڪن جي ڊگهي خطاب دوران آمريڪي صدر ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن تي جنگن جي خاتمي ۾ ناڪامي جو الزام لڳايو. هن چيو ته جيتوڻيڪ گڏيل قومون پنهنجون ذميواريون موثر طريقي سان ادا ناهن ڪري رهيون، پر سندن صلاحيتون تمام وڌيڪ آهن. ان لاءِ ان کي جاري رهڻ گهرجي. بورڊ آف پيس  جو تصور شروعاتي طورتي آمريڪا طرفان تيار ڪيل 20 نڪاتي امن منصوبي جو حصو هو. جنهن جو مقصد اسرائيل – فلسطين تڪرار جي خاتمي ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو . ان تجويز ڪيل بورڊ جو مسودو  منشور  ۾  بورڊ آف پيس  کي هڪ وسيع تر آمريڪي ڪنٽرولڊ اداري طور پيش ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي تڪرارن ۽ جنگن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي . اهو ڪردار سالن کان گڏيل قومون انجام ڏينديون پيون اچن.

مزید خبریں