چين  پاران 6 – جي ٽيڪنالاجي جي ٽرائلز جو پهريون مرحلو مڪمل

بيجنگ - 21 جنوري(اي پي پي) چين 6 - جي ٽيڪنالاجي جي ٽرائلز جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان مرحلي دوران 300 کان وڌيڪ بنيادي ٽيڪنالاجيز جو ذخيرو به گڏ ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت اربع ڏينهن ٻڌائي آهي. وزارت طرفان ان حوالي سان ملڪ جي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو ڪرڻ …

بيجنگ – 21 جنوري(اي پي پي) چين 6 – جي ٽيڪنالاجي جي ٽرائلز جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان مرحلي دوران 300 کان وڌيڪ بنيادي ٽيڪنالاجيز جو ذخيرو به گڏ ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي صنعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت اربع ڏينهن ٻڌائي آهي. وزارت طرفان ان حوالي سان ملڪ جي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو ڪرڻ لاءِ پاليسي سازن جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن  ڊولپمينٽ واري وزارت جي سربراهه زي ڪون بيجنگ ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته تازو ئي 6 – جي ٽيڪنالاجي جي ٽرائلز جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته چين 4.838 ملين فائيو – جي بيس اسٽيشنون قائم ڪيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ فائيو -جي صارفين جوانگ هڪ ارب 20 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي جيڪو معياري ضروري فائيو – جي پيٽنٽس جي عالمي اعلانن جو 42 سيڪڙو آهي. هن چيو ته چين دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان جديد ترين بنيادي ڍانچو ٺاهيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته  اڳيان وڌندي، وزارت 6 – جي بابت تحقيق ۽ ترقي کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ مستقبل جي منصوبه بندي کي تيز ڪندي ۽ 6-جي لاءِ ايپليڪيشن تي ٻڌل صنعتي ماحولياتي نظام کي هٿي ڏيندي.

مزید خبریں