بيجنگ-21 جنوري(اي پي پي)چين ۾ ماهرن جي ٽيم اک جي سرجري ڪندڙ هڪ آٽوميٽڪ روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان ريٽينا جي بيمارين جي علاج ۾ سرجري جي درستگي ۽ حفاظت ۾ نمايان اضافو ممڪن ٿيندو. ميڊيا رپروٽن موجب اهو روبوٽ چين جي اڪيڊمي آف سائنسز جي انسٽيٽيوٽ آف آٽو ميشن جي ماهرن تيار ڪيو آهي. اک جي سرجري خاص ڪري ريٽينا جي سرجري انتهائي ڏکي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اک …
چين ۾ اک جي سرجري جي صلاحيت وارو آٽوميٽڪ روبوٽ تيار

مزید خبریں
بيجنگ-21 جنوري(اي پي پي)چين ۾ ماهرن جي ٽيم اک جي سرجري ڪندڙ هڪ آٽوميٽڪ روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان ريٽينا جي بيمارين جي علاج ۾ سرجري جي درستگي ۽ حفاظت ۾ نمايان اضافو ممڪن ٿيندو. ميڊيا رپروٽن موجب اهو روبوٽ چين جي اڪيڊمي آف سائنسز جي انسٽيٽيوٽ آف آٽو ميشن جي ماهرن تيار ڪيو آهي. اک جي سرجري خاص ڪري ريٽينا جي سرجري انتهائي ڏکي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اک جي ساخت ننڍي ۽ نرم هوندي آهي. نئون نظام ڊي ٿري اسپيشل پرسيپشن ، درست پوزيشننگ ۽ ٽريڪٽري ڪنٽرول الگورٿمز استعمال ڪري ٿو .ماهرن جو چوڻ آهي ته ان روبوٽڪس نظام ذريعي سرجري جي معيار ۽ حفاظت کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.











