گل پلازا سانحو هڪ وڏو الميو آهي، پوائنٽ اسڪورنگ بدران متاثر واپارين جي عملي مدد هئڻ گهرجي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته گل پلازا سانحو هڪ وڏو الميو آهي ۽ ان موقعي تي پوائنٽ اسڪورنگ بدران متاثر واپارين جي عملي مدد هئڻ گهرجي. هن اعلان ڪيو ته هو ميئر ڪراچي کي خط لکندو ته جئين پارڪنگ پلازا ۾ متاثر واپارين کي عارضي طور تي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري اڱاري ڏينهن واپاري …

ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته گل پلازا سانحو هڪ وڏو الميو آهي ۽ ان موقعي تي پوائنٽ اسڪورنگ بدران متاثر واپارين جي عملي مدد هئڻ گهرجي. هن اعلان ڪيو ته هو ميئر ڪراچي کي خط لکندو ته جئين پارڪنگ پلازا ۾ متاثر واپارين کي عارضي طور تي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري اڱاري ڏينهن واپاري برادري جي نمائندن سان گڏ گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. گورنر، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان ملي غيرقانوني اڏاوتن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته گل پلازا انتظاميه جي صدر سان به ڳالهه ٿيڻ گهرجي ته جئين معلوم ٿي سگهي ته معاملا ڪهڙيءَ ريت هلي رهيا هئا. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته هو وزيراعظم پاڪستان کي به درخواست ڪندو ته هو ڪراچي جو دورو ڪري ۽ وفاقي سطح تي فنڊن جي معاملي تي ڳالهائي. هن سنڌ حڪومت پاران هڪ ڪروڙ رپين جي معاوضي جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم اڻٽر آهن. گورنر پاڪ نيوي جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪ نيوي جا اهلڪار 20 منٽن ۾ واقعي واري هنڌ پهتا ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جذبي جي ڪا کوٽ نه آهي، پاڻ ڏٺم ته سڀني ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار دل سان ڪم ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي به واکاڻ ڪئي جن اسيمبلي ۾ چار ڪلاڪ ان مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو. ان موقعي تي ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر جاويد بلواڻي گورنر جا ٿورا مڃيندي چيو ته گورنر هر معاملي ۾ اڳيان ايندو آهي ۽گل پلازا سانحي ۾ به سڀ کان پهرين موقعي تي پهتو. قومي اسيمبلي جي ميمبر ارشد وهرا چيو ته گورنر جو آئيني ڪم نه هو، ان جي باوجود هو متاثرن سان گڏ ويٺو ۽ سندن دادرسي ڪئي. مولانا بشير فاروقي تجويز ڏني ته ڪروڙين روپين جي ماليت جو ملبو سرڪاري خالي پلاٽ تي منتقل ڪيو وڃي ۽ گل پلازا جي ملبي کي وڪرو ڪري ان جي رقم متاثرن ۾ ورهائي وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ ڪي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر جاويد بلواڻي، انجم نثار، رفيق پرديسي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي، قومي اسيمبلي جو ميمبر ارشد وهرا، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر عبدالعز، طحهٰ، عامر صديقي،مولانا بشير فاروقي، ظفر عباس ۽ ٻيا موجود هئا.