سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي سان شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي وفد جي ملاقات

حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي سنڌي ٻولي ۽ ادب شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر امير علي شاهه جي سربراهي ۾ وفد سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنھي ادارن ۾ ٿيل معاهدن کي وڌيڪ متحرڪ ۽ سرگرم ڪرڻ، تدريسي ۽ تحقيقي عمل ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي، نصاب ۾ نون پروگرامن جي …

حيدرآباد- 20 جنوري (اي پي پي) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي سنڌي ٻولي ۽ ادب شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر امير علي شاهه جي سربراهي ۾ وفد سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنھي ادارن ۾ ٿيل معاهدن کي وڌيڪ متحرڪ ۽ سرگرم ڪرڻ، تدريسي ۽ تحقيقي عمل ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي، نصاب ۾ نون پروگرامن جي شموليت ۽ شاگردن لاءِ تعليمي موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جو وائس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شعبي جو چيئرمين ۽ سمورا استاد جس لھن، جن جي سنڌي ٻولي سان والهانه محبت سبب بي ايس سنڌي ادب ۽ بي ايس سنڌي ٻولي/لسانيات ۾ الڳ الڳ ڊگري پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهن. جنھن سان سنڌي ٻولي لسانيات ۾ شاگرد مھارتون ماڻي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي پاسن تي تحقيق ڪندا. هن خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪندي چيو ته شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ”سبُو سبا“ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو شعبو سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ پهريون اهڙو شعبو آهي، جنهن ذريعي ٻولي ۽ لسانيات تي ڊگري پروگرام شروع ڪري رهيو آهي ۽ ان سان شاگردن لاءِ تعليم ۽ تحقيق جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. ڊاڪٽر شير مهراڻي يقين ڏياريو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ سبُو سبا وچ ۾ صحيح ٿيل ايم او يو کي سرگرم ڪرڻ لاءِ اٿارٽي هميشه متحرڪ رهندي. هن وڌيڪ چيو ته، يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ شاگردن کي اٿارٽي پاران اسڪالرشپ ۽ انٽرنشپ جا موقعا مهيا ڪيا ويندا، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگرد کي ٻين ملڪن جي بهترين يونيورسٽين ۾ جديد لسانيات ۾ مھارتون حاصل ڪرائڻ لاءِ اٿارٽي سهائتا ڪندي، جنهن سان شاگردن جي تعليمي ۽ پيشيوراڻي قابليتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو، جڏهن ته شاگرد ۽ محقق سنڌي ٻوليءَ کي جديد تقاضائن تي پورو لهڻ لائق بڻائي، ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذھانت ۾ داخل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وفد ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي ۽ ادب شعبي جا اُستاد ڊاڪٽر ڦلو سُندر ميگهواڙ، ڊاڪٽر سڪندر ساگر پنهيار، خالد ساحل سنڌي پڻ شامل هئا. يونيورسٽي جي وفد ٻولي جي بااختيار اداري جي نئين چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني، اداري پاران سھڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.