لاڙڪاڻو- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مثالي ادارا قائم ڪيا آهن، جتي ٻين صوبن جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ نئين ڊجيٽل ايڪسري مشين …
سنڌ حڪومت عوام کي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مثالي ادارا قائم ڪيا آهن : ايم پي اي جميل احمد سومرو
لاڙڪاڻو- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مثالي ادارا قائم ڪيا آهن، جتي ٻين صوبن جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هُن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ نئين ڊجيٽل ايڪسري مشين جو افتتاح ڪندي ڪيو. ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام کي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ جا سنڌ ۾ مثالي ادارا قائم ڪيا آهن جن ذريعي صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو ويو آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي ۽ ايس اين آءِ سي ايڇ جي ذريعي دل، گڙدن ۽ ٻارن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي جتي نه صرف سنڌ پر ٻين صوبن جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن واري جديد اسپتال جو جلد پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو ته جيئن عام ماڻهن کي علاج جون وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهن. تقريب ۾ وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ڊاڪٽر امجد علي بجاراڻي، ڊائريڪٽر فنانس ڪاظم علي ڀٽو، اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر علي سرور شاهه، ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو، پيپلز پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ جي عهديدارن ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











