حيدرآباد-20جنوري(اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس ۾ سرڪاري ۽ نجي اونچين عمارتن، شاپنگ مالز، پلازائن ۽ ٻين تجارتي عمارتن جي فائر سيڪيورٽي آڊٽ سان لاڳاپيل هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر فائر سيڪيورٽي قدمن جي فوري ۽ جامع جائزي تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل ادارن خاص ڪري اهڙين عمارتن، شاپنگ مالز ۽ عوامي …
حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ سرڪاري ۽ نجي اونچين عمارتن، شاپنگ مالز، پلازائن ۽ ٻين تجارتي عمارتن جي فائر سيڪيورٽي آڊٽ بابت اجلاس
حيدرآباد-20جنوري(اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر ڪامپليڪس ۾ سرڪاري ۽ نجي اونچين عمارتن، شاپنگ مالز، پلازائن ۽ ٻين تجارتي عمارتن جي فائر سيڪيورٽي آڊٽ سان لاڳاپيل هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.
اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر فائر سيڪيورٽي قدمن جي فوري ۽ جامع جائزي تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل ادارن خاص ڪري اهڙين عمارتن، شاپنگ مالز ۽ عوامي هنڌن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي جتي فائر هائيڊرنٽس ۽ ٻين حفاظتي سهولتن جي فوري ضرورت آهي. ڊپٽي ڪمشنر طرفان قائم ڪيل ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اها سرڪار جي حڪمن مطابق سرڪاري ۽ نجي بلند عمارتن، مالز، پلازائن ۽ شاپنگ سينٽرن جي فائر سيڪيورٽي آڊٽ جي عمل کي سختيءَ سان يقيني بڻايو وڃي.اجلاس دوران ٽرمز آف ريفرنس(ٽي اوآرز) تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو فائر سيڪيورٽي قانون مطابق حفاظتي انتظامن، تفصيلي معائني ۽ ضروري قدمن کي فوري طور تي مڪمل ڪن.ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته عوامي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن سڀني ادارن تي زور ڀريو ته گڏيل رابطي ۽ هم آهنگي سان حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.











