نيويارڪ مرڪنٽائيل ايڪسچينج ۾ سون جو اگهه 4700 ڊالر في اونس کان وڌي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

نيويارڪ -20 جنوري (اي پي پي)نيويارڪ مرڪنٽائيل ايڪسچينج ۾ سون جو اگهه 4700 ڊالر في ٽراءِ اونس کان وڌي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپاري پليٽ فارم جي انگن اکرن مطابق سون جي قيمت 4700 ڊالر في ٽراءِ اونس آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي جنهن ۾ 2.29 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.صبح جي وقت سون جي قيمت 2.32 سيڪڙو جي اضافي سان 4701.9 …

نيويارڪ -20 جنوري (اي پي پي)نيويارڪ مرڪنٽائيل ايڪسچينج ۾ سون جو اگهه 4700 ڊالر في ٽراءِ اونس کان وڌي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق واپاري پليٽ فارم جي انگن اکرن مطابق سون جي قيمت 4700 ڊالر في ٽراءِ اونس آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي جنهن ۾ 2.29 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.صبح جي وقت سون جي قيمت 2.32 سيڪڙو جي اضافي سان 4701.9 ڊالر في ٽراءِ اونس ٿي وئي. هوڏانهن ڪوميڪس تي مارچ جي چاندي جا فيوچرز ۾ به 6.27 سيڪڙو جي واڌ ڏسڻ ۾ آئي. ۽ اها 94.085 ڊالر في ٽراءِ اونس تي پهچي وئي.

مزید خبریں