رياض20– جنوري(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران تازي علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .شهزاده فيصل بن فرحان سان شام لاءِ آمريڪي ايلچي ٽام بيرڪ به ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان آمريڪي هم منصب ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو ٽيليفونڪ رابطو، خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض20– جنوري(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران تازي علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .شهزاده فيصل بن فرحان سان شام لاءِ آمريڪي ايلچي ٽام بيرڪ به ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ شام جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي پرڏيهي وزير سان عمان جي هم منصب بدر بن حمد بن حمود البوسعيدي به رابطو ڪيو. خطي جي تازي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون .ان کان اڳ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان پاڪستان، ترڪيه ۽ اردن جي پرڏيهي وزيرن به ٽيليفون تي رابطو ڪيو . رابطي دوران خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











