يو اين ڊي پي پاران پنهنجن ملازمن کي نيويارڪ مان يورپ منتقل ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ-20 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام(يو اين ڊي پي) اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجن ملازمن کي نيويارڪ مان يورپ منتقل ڪندو.پرڏيهي ميڊيا مطابق يو اين ڊي پي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن قدمن سان اٽڪل 400 ملازم متاثر ٿيندا. جن مان اٽڪل ملازمن جو 75 سيڪڙو جرمني جي شهر بون منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته باقي 25 سيڪڙو ملازم اسپين جي …

نيويارڪ-20 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام(يو اين ڊي پي) اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجن ملازمن کي نيويارڪ مان يورپ منتقل ڪندو.پرڏيهي ميڊيا مطابق يو اين ڊي پي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن قدمن سان اٽڪل 400 ملازم متاثر ٿيندا. جن مان اٽڪل ملازمن جو 75 سيڪڙو جرمني جي شهر بون منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته باقي 25 سيڪڙو ملازم اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ مقرر ڪيا ويندا. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي قدم تبديل ٿيندڙ مالي ۽ ترقياتي منظرنامي سان هم آهنگ ڪرڻ، حصيدارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ماڻهن جي مدد بهتر ڪرڻ لاءِ يو اين ڊي پي جي صلاحيتن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته بون ۾ يو اين ڊي پي جي ملازمن جي مجموعي موجودگي 400 تي ٻڌل هوندي. يو اين ڊي پي اٽڪل 170 ملڪن ۽ خطن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان جا اٽڪل 22 هزار ملازم آهن جن مان 19 هزار کان وڌيڪ ملازم ملڪي آفيسن ۽ علائقائي مرڪزن ۾ مقرر آهن. جڏهن ته 7 سيڪڙو کان گهٽ ملازم نيويارڪ ۾ آهن ۽ باقي ٻين هنڌن تي ڪم ڪن ڪيا پيا. يو اين ڊي پي واضح ڪيو آهي ته نيويارڪ پهرين وانگر ان جو عالمي هيڊڪوارٽر رهندو.

مزید خبریں