خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي پيپلز پارٽي جي ضلعي عهديدارن سان ملاقات

پشاور-19 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر ڏينهن ٽانڪ جي دوري جي موقعي تي پيپلز پارٽي ٽانڪ جي ضلعي صدر سردار هدايت الله خان گنڊه پور جي رهائش گاهه تي ويو، جتي هن مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڊيره، ٽانڪ ۽ وزيرستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو. پارٽي جي ڊويزنل سينئر …

پشاور-19 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سومر ڏينهن ٽانڪ جي دوري جي موقعي تي پيپلز پارٽي ٽانڪ جي ضلعي صدر سردار هدايت الله خان گنڊه پور جي رهائش گاهه تي ويو، جتي هن مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڊيره، ٽانڪ ۽ وزيرستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو. پارٽي جي ڊويزنل سينئر نائب صدر فتح شير خان محسود، ڏکڻ وزيرستان جي صدر شمس محسود، سينئر اڳواڻ پاڪستان پيپلزپارٽي نديم عوام دوست، ملڪ سيد محمد خان اشنگي، سردار امان الله محسود ۽ ٻين عهديدارن، گورنر کي علائقائي مسئلن ۽ تنظمي معاملن مان اگاهه ڪيو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪيترن ئي مسئلن کي موقعي تي حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي پارٽي عهديدارن چيو ته گورنر ٽانڪ دوري ۾ پارٽي ڪارڪنن کي جيڪا عزت ۽ احترام ڏنو هو انهن جي بهادري، پارٽي ۽ ڪارڪنن سان محبت جو چٽو ثبوت آهي.