نوابشاهه ۾ قومي شاهراه تي ٻن الڳ الڳ ٽريفڪ حادثن ۾ 2 ماڻهو فوت

نوابشاهه -19 جنوري (اي پي پي) نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد  ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. قاضي احمد نيشنل هاءِ وي تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان هڪ مزدور چيتن ڪولهي اوچتو  ڪري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ته پوليس موجب هڪ ٻئي واقعي ۾ دولتپور  ويجهو نيشنل هاءِ وي  پار ڪندي سچل عمراڻي نالي شخص تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ …

نوابشاهه -19 جنوري (اي پي پي) نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد  ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. قاضي احمد نيشنل هاءِ وي تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان هڪ مزدور چيتن ڪولهي اوچتو  ڪري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ته پوليس موجب هڪ ٻئي واقعي ۾ دولتپور  ويجهو نيشنل هاءِ وي  پار ڪندي سچل عمراڻي نالي شخص تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو. ٻنهي واقعن ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ايمولينس ذريعي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.