آمريڪي رياست منيسوٽا ۾ آمريڪي فوج جي امڪاني مقرري، هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي تيار رهڻ جو حڪم

واشنگٽن- 19 جنوري (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون آمريڪي رياست منيسوٽا ۾ امڪاني مقرري لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي رياست منيسوٽا ۾ اٽڪل 1500 فوجي اهلڪارن کي حڪم جاري ڪيو ويو آهي. فوج رياست ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي صورت ۾ فوري طور تي مقرري لاءِ يونٽس کي حڪم جاري ڪيو آهي. اهي قدم …

واشنگٽن- 19 جنوري (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري کاتي پينٽاگون آمريڪي رياست منيسوٽا ۾ امڪاني مقرري لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪارن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي رياست منيسوٽا ۾ اٽڪل 1500 فوجي اهلڪارن کي حڪم جاري ڪيو ويو آهي. فوج رياست ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي صورت ۾ فوري طور تي مقرري لاءِ يونٽس کي حڪم جاري ڪيو آهي. اهي قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن رياستي اختياريون مظاهرو ڪندڙن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون ته هو ”انڪارسريشن ايڪٽ“ لاڳو ڪري ڇڏيندو. واضح رهي ته انڪارسريشن ايڪٽ“ صدر کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته جيڪڏهن رياستي حڪومتون ناڪام ٿي وڃن ته هو ملڪي سطح تي فوج استعمال ڪري رياستن ۾ امن قائم ڪري سگهي ٿو. هن وقت تائين پينٽاگون يا وائيٽ هائوس ان بابت فوري تبصرو ناهي ڪيو.

مزید خبریں