رياض- 19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي فنانشل ٽريڪنگ سروس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب سال 2025ع ۾ عالمي سطح تي انساني امداد فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ ٻئين جڏهن ته عرب دنيا ۾ پهرين نمبر تي رهيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يمن ڏانهن مجموعي امداد جو 49.3 سيڪڙو ڏنو ويو جڏهن ته شام کي امداد جي فراهمي ۾ ٻئين نمبر تي رهيو. شاهه سلمان …
سعودي عرب سال 2025ع دوران انساني امداد ۾ عالمي سطح تي ٻئين نمبر تي رهيو: گڏيل قومون

مزید خبریں
رياض- 19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي فنانشل ٽريڪنگ سروس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب سال 2025ع ۾ عالمي سطح تي انساني امداد فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ ٻئين جڏهن ته عرب دنيا ۾ پهرين نمبر تي رهيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يمن ڏانهن مجموعي امداد جو 49.3 سيڪڙو ڏنو ويو جڏهن ته شام کي امداد جي فراهمي ۾ ٻئين نمبر تي رهيو. شاهه سلمان امدادي مرڪز جي نگران اعليٰ ۽ ايوان شاهي جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه چيو ته انساني همدردي جي ڪوششن ۾ سعودي عرب جي قيادت سخاوت ۽ انساني وقار کي ترجيح ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي. ياد رهي ته مملڪت هن وقت تائين 173 ملڪن ۾ 7 983 منصوبا مڪمل ڪيا، 141 ارب ڊالرن کان وڌيڪ انساني ۽ ترقياتي امداد فراهم ڪئي آهي. سعودي ويزن 2030ع جي هدفن ۾ عالمي سطح تي ضرورت مند ملڪن کي امداد فراهم ڪرڻ شامل آهي. ان مستقل عزم دنيا جي سڀ کان وڏو عطيو ڏيندڙ ملڪن ۾ مملڪت جي پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي.











