قاهره- 19 جنوري (اي پي پي)مصر جي جنرل انٽيليجنس سربراهه ميجر جنرل حسن رشاد غزه پٽي جي انتطامي ڪميٽي جي سربراهه علي شعث ۽ ان جي ميمبرن سان ملاقت ڪئي ۽ ان دوران زور ڀريو ته مصر ان ڪميٽي جي ڪم جي ڪاميابي ۽ غزه پٽي اندر ان جي فرضن جي ادائيگي ۾ سهڪار جو هميشه خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شعث ۽ ڪميٽي جي ميمبرن غزه جي حوالي …
اسان غزه انتظامي ڪميٽي جي ڪاميابي جا خواهشمند آهيون: مصر جو انٽيليجنس چيف

مزید خبریں
قاهره- 19 جنوري (اي پي پي)مصر جي جنرل انٽيليجنس سربراهه ميجر جنرل حسن رشاد غزه پٽي جي انتطامي ڪميٽي جي سربراهه علي شعث ۽ ان جي ميمبرن سان ملاقت ڪئي ۽ ان دوران زور ڀريو ته مصر ان ڪميٽي جي ڪم جي ڪاميابي ۽ غزه پٽي اندر ان جي فرضن جي ادائيگي ۾ سهڪار جو هميشه خواهشمند آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي شعث ۽ ڪميٽي جي ميمبرن غزه جي حوالي سان مصر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ صدر عبدالفتاح السيسي جي موقف، خاص طور تي فلسطينين جي جبري بي دخلي جي مخالفت ۽ فلسطين مسئلي جي تحفظ جي حوالي سان سندس ڪردار جي ساراهه ڪئي. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته ڪميٽي جي ترجيحن ۾ غزه جي شهرين جي انساني ۽ معيشتي حالتن کي بهتر بڻائڻ شامل آهي.











