اسان جو مشن امن ڪائونسل جي تعاون سان نئين سر تعمير ڪرڻي آهي: غزه انتظامي ڪميٽي

غزه -19 جنوري (اي پي پي) غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي، ته ڪميٽي فلسطيني علائقن جي نئين سر تعمير، سيڪيورٽي جي قيام ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي تي ڌيان ڏيندي، جنهن ۾ بجلي، پاڻي، صحت جون سهولتون ۽ تعليم شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته امن ڪائونسل جي نمائندن انساني امداد جي دائريڪار کي وڌائڻ، عوامي …

غزه -19 جنوري (اي پي پي) غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي، ته ڪميٽي فلسطيني علائقن جي نئين سر تعمير، سيڪيورٽي جي قيام ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي تي ڌيان ڏيندي، جنهن ۾ بجلي، پاڻي، صحت جون سهولتون ۽ تعليم شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته امن ڪائونسل جي نمائندن انساني امداد جي دائريڪار کي وڌائڻ، عوامي خدمتن جي بحالي، اهم بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ عدليه ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نئين سر تنظيم جا منصوبا تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪميٽي اعليٰ معيار جي شفافيت ۽ ايمانداري تي زور ڀريندي هڪ اهڙي پيداواري معيشت قائم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، جيڪا روزگار جا موقعا پيدا ڪري ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ کي هٿي ڏئي، اهو سڀ ڪجهه فلسطيني حقن ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ جي ويزن تحت ڪيو پيو وڃي. اهو اعلان کان پوءِ سامهون آيو آهي جڏهن غزه جي قومي انتظاميه ڪميٽي جيڪو هڪ عارضي ٽيڪنوڪريٽڪ حڪومتي ادارو آهي  ۽ سلامتي ڪائونسل جي 2803 جي ٺهراءَ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  جي پيش ڪيل 20 نقاطي امن منصوبي تحت قائم ڪيو ويو آهي، 15 جنوري 2026ع تي قاهره ۾ پنهنجو افتتاحي اجلاس منعقد ڪيو ۽ غزه ۾ سول ۽ اندروني سيڪيورٽي جي معاملن جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ باقاعده شروعات جو اعلان ڪيو. اهو اجلاس فلسطيني اٿارٽي جي پنهنجي اداره جاتي سڌارن واري پروگرام کي مڪمل ڪرڻ تائين ڪميٽي جي استحڪام، بحالي ۽ نئين سر تعمير  جي نگراني واري عمل جي شروعات جو اشارو به هو.

مزید خبریں