ڪابل -19 جنوري (اي پي پي)افغانستان جي صوبي وردڪ ۾ گذريل جنگين ۾ ڦاٽڻ کان رهجي ويل ڌماڪيدار مادي جي ڦاٽڻ سبب هڪ ٻار فوت ۽ 03 زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه صوبائي پوليس جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن کي رانديڪي وانگر هڪ شيءِ ملي هئي جنهن سان ٻار کيڏڻ لڳا ته اها …
افغانستان ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب هڪ ٻار اجل جو شڪار، 03 زخمي

مزید خبریں
ڪابل -19 جنوري (اي پي پي)افغانستان جي صوبي وردڪ ۾ گذريل جنگين ۾ ڦاٽڻ کان رهجي ويل ڌماڪيدار مادي جي ڦاٽڻ سبب هڪ ٻار فوت ۽ 03 زخمي ٿي پيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه صوبائي پوليس جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن کي رانديڪي وانگر هڪ شيءِ ملي هئي جنهن سان ٻار کيڏڻ لڳا ته اها ڦاٽي پئي جنهن سبب هڪ ٻار فوت ۽ 03 زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيل ٽنهي ٻارن کي طبي امداد لاءِڪابل منتقل ڪيو ويو آهي .











