بيجنگ- 19 جنوري (اي پي پي) چين جي مجموعي قومي پيداوار گذريل سال دوران 140 کرب يوآن کان وڌي وئي جڏهن ته اوسر واري شرح 5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي انفارميشن آفيس جي پريس ڪانفرنس ۾ قومي شماريات بيورو جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته سال 2025ع ۾ چين جي معيشت استحڪام سان اڳڀرائي جاري رکي ۽ اعليٰ معيار جي ترقي جي حوالي سان …
چين جي مجموعي قومي پيداوار 140 کرب يوآن کان وڌي وئي، سال 2025ع ۾ اوسر واري شرح 5 سيڪڙو رڪارڊ

مزید خبریں
بيجنگ- 19 جنوري (اي پي پي) چين جي مجموعي قومي پيداوار گذريل سال دوران 140 کرب يوآن کان وڌي وئي جڏهن ته اوسر واري شرح 5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي انفارميشن آفيس جي پريس ڪانفرنس ۾ قومي شماريات بيورو جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته سال 2025ع ۾ چين جي معيشت استحڪام سان اڳڀرائي جاري رکي ۽ اعليٰ معيار جي ترقي جي حوالي سان نمايان نتيجا حاصل ڪيا ويا. اقتصادي ۽ سماجي ترقي جا اهم هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا ۽ پنجن سالن وارو 14 هون منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو. شروعاتي انگن اکرن مطابق چين جي سالياني مجموعي قومي پيداوار 14018790 ڪروڙ يوآن رهي، جنهن تي مستقل قيمتن جي بنياد تي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.











