حڪومت پاران گل پلازه باهه جي واقعي تي فوري رد عمل، انساني جانين جي حفاظت پهرين ترجيح آهي: شرجيل انعام ميمڻ

اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي)ڪراچي جي گل پلازه ۾ پيش آيل خطرناڪ باهه واري واقعي تي سنڌ حڪومت جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني جانين جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، واقعي بابت جاچ جاري آهي، ڪالهه مقامي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتي ادارن فوري رد عمل جو مظاهرو ڪيو، هن …

اسلام آباد-18 جنوري (اي پي پي)ڪراچي جي گل پلازه ۾ پيش آيل خطرناڪ باهه واري واقعي تي سنڌ حڪومت جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني جانين جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، واقعي بابت جاچ جاري آهي، ڪالهه مقامي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتي ادارن فوري رد عمل جو مظاهرو ڪيو، هن زور ڀريو ته باهه وسائڻ ۽ جانين جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ڏٺي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. انساني جانين کي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته هي سياست جو وقت ناهي، پر امدادي سرگرمين ۽ سانحي جي متاثرن جي مدد تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪابينا جا سمورا ميمبر ۽ سرڪاري کاتا صورتحال تي گهري نظر رکي رهيا آهن، بچاءُ ۽ امدادي ڪاررواين کي فعال طور تي مربوط ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير ضابطن جي پوئيواري کي چيڪ ڪرڻ لاءِ گل پلازه ۾ فائر سيفٽي قدمن جو مڪمل جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ڏٺي وئي ته ان جا سخت نتيجا سامهون ايندا.