ڪراچي- 18 جنوري (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، گل پلازه شاپنگ مال ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن دوران فائر فائٽر جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد فائر فائٽر فرقان علي پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران شهادت جو رتبو ماڻيو. هن چيو ته ريسڪيو ادارن جا اهلڪار پنهنجي جان خطري ۾ وجهي صورتحال تي ضابطو …
ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پاران گل پلازه باهه جي واقعي ۾ فائر فائٽر جي شهادت تي افسوس جو اظهار
ڪراچي- 18 جنوري (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، گل پلازه شاپنگ مال ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن دوران فائر فائٽر جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد فائر فائٽر فرقان علي پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران شهادت جو رتبو ماڻيو. هن چيو ته ريسڪيو ادارن جا اهلڪار پنهنجي جان خطري ۾ وجهي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي ميئر چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيد فرقان جي گهرڀاتين سان گڏ آهيان. هن چيو ته ٽيمون ۽ مشينري باهه کي وسائڻ ۾ پوري طرح مصروف آهن.











