ڪراچي - 18 جنوري (اي پي پي) گل پلازه شاپنگ مال ۾ ڇنڇر ڏينهن لڳل باهه ۾ سڙي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ ريسڪيو ڪارڪن سميت 6 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا. ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙي زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين کي علاج کان پوءِ …
ڪراچي: گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ فوتگين جو تعداد وڌي 6 ٿي ويو
ڪراچي – 18 جنوري (اي پي پي) گل پلازه شاپنگ مال ۾ ڇنڇر ڏينهن لڳل باهه ۾ سڙي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ ريسڪيو ڪارڪن سميت 6 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا. ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙي زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين کي علاج کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي.











