سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ 18054 ماڻهو گرفتار، 14 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي بي دخل

رياض- 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ 18054 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته 14 هزار 621 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته 8 کان 14 جنوري 2026ع وچ ۾ 11 هزار 343 اقامه قانون، 3 هزار 858 بارڊر سيڪيورٽي ۽ 2 هزار 853 محنت واري قانون …

رياض- 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ 18054 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته 14 هزار 621 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته 8 کان 14 جنوري 2026ع وچ ۾ 11 هزار 343 اقامه قانون، 3 هزار 858 بارڊر سيڪيورٽي ۽ 2 هزار 853 محنت واري قانون جون ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 419 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 59 سيڪڙو ايٿوپين، 40 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه 18 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 23 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

مزید خبریں