فلسطيني علائقي جي نئين سر تعمير، سيڪيورٽي جي قيام ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي تي ڌيان ڏنو ويندو: غزه انتظامي ڪميٽي

غزه- 18 جنوري (اي پي پي) غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته هو فلسطيني علائقي جي نئين سر تعمير، سيڪيورٽي جي قيام ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي تي ڌيان ڏيندي جنهن ۾ بجلي، پاڻي، صحت جون سهولتون ۽ تعليم شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو ته امن ڪائونسل جا نمائندا انساني امداد جي دائري کي وڌائڻ، عوامي خدمتن جي بحالي، اهم …

غزه- 18 جنوري (اي پي پي) غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته هو فلسطيني علائقي جي نئين سر تعمير، سيڪيورٽي جي قيام ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي تي ڌيان ڏيندي جنهن ۾ بجلي، پاڻي، صحت جون سهولتون ۽ تعليم شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو ته امن ڪائونسل جا نمائندا انساني امداد جي دائري کي وڌائڻ، عوامي خدمتن جي بحالي، اهم بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ عدليه ۽ سيڪيورٽي اداران جي نئين سر تنظيم جا منصوبا تيار ڪرڻ سروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪميٽي اعليٰ معيار جي شفافيت ۽ ايمانداري تي زور ڏيندي هڪ اهڙي پيداواري معيشت قائم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي جيڪا روزگار جا موقعا پيدا ڪري ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ کي هٿي ڏيڻ، اهو سڀ فلسطيني حقن ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ واري ويزن تحت ڪيو ويندو. اهو اعلان ان کان پوءِ سامهون آيو آهي جڏهن غزه جي قومي انتظامي ڪميٽي جيڪا سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل 20 نقاطي امن منصوبي تحت قائم ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں