آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه لاءِ قائم بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. اها ڳالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ٻڌائي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ترجمان طاهر اندرابي ٻڌايو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آمريڪي صدر طرفان غزه لاءِ قائم بورڊ آف …

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. اها ڳالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ٻڌائي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ترجمان طاهر اندرابي ٻڌايو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آمريڪي صدر طرفان غزه لاءِ قائم بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت ملي آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان غزه ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور انداز ۾ شامل رهندو ته جيئن گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق فلسطين مسئلي جو هڪ پائيدار ۽ ڊگهو حل ممڪن بڻائي سگهجي.

مزید خبریں