دهشتگرد ٻيھر ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ کي ڪنھن به طريقي سان نقصان پهچائين: سيد مراد علي شاهه

سيوهڻ- 17 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته دهشتگرد ٻيھر ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ کي ڪنھن به طريقي سان نقصان پهچائين. هن ٻڌايو ته اڄ کان 2 هفتا اڳ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي مواد برآمد ڪيو ويو آهي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا …

سيوهڻ- 17 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته دهشتگرد ٻيھر ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ کي ڪنھن به طريقي سان نقصان پهچائين. هن ٻڌايو ته اڄ کان 2 هفتا اڳ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي مواد برآمد ڪيو ويو آهي. وڏي وزير خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا خدشا اڃا به موجود آهن ۽ دھشتگردي کي سڀني ادارن سان گڏجي شڪست ڏيڻي آهي.هن اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان چيو ته نيشنل فنانس ڪميشن ٺهي چڪو آهي ۽ ان تي بحث جاري آهي. مختلف صوبن جون الڳ الڳ تجويزون آهن. پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته صوبن جو حصو نه ڪٽجي ۽ سڀني صوبن کي سندن جائز حصو ملڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ايف بي آر کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي. جيڪو فيصلو ملڪ جي فائدي ۾ هوندو، پيپلز پارٽي ان جي حمايت ڪندي.سيوهڻ ۾ لال شھباز قلندر جي عرس جي انتظامن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هو ذاتي طور عرس جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولتون مهيا ڪيون وينديون. دادو ۾ نادر جمالي ڪيس بابت ۾ هن ٻڌايو ته ان ڪيس جي نگراني گهرو وزير ڪري رهيو آهي ۽ شفاف تحقيقات يقيني بڻائي ويندي.