پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سون جي اسمگلنگ جي ٻن ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، پرڏيهي ڪرنسي به هٿ

اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي انٽرنيشنل ڊپارچرز ٽرمينل تي مسافرن جي ڪليئرنس دوران سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي اسمگلنگ جي ٻن ڌار ڌار ڪوششون کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان ۾ 10 ايس ٽي بي سون جون سرون/بسڪيٽ جن جو وزن 100 تولا آهي ۽ 11 هزار 900 آمريڪي ڊالر ضبط ڪيا جن جي مجموعي ماليت اٽڪل 5 ڪروڙ 6 لک روپيا آهي، ڪسٽمز …

اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي جي انٽرنيشنل ڊپارچرز ٽرمينل تي مسافرن جي ڪليئرنس دوران سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي اسمگلنگ جي ٻن ڌار ڌار ڪوششون کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان ۾ 10 ايس ٽي بي سون جون سرون/بسڪيٽ جن جو وزن 100 تولا آهي ۽ 11 هزار 900 آمريڪي ڊالر ضبط ڪيا جن جي مجموعي ماليت اٽڪل 5 ڪروڙ 6 لک روپيا آهي، ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، ايف بي آر مان ڪالهه جاري بيان موجب ڪسٽمز عملدارن دبئي ويندڙ هڪ مسافر کي فلائيٽ نمبر ايف زيڊ 330 ذريعي روانگي دوران ان وقت روڪيو ويو جڏهن بيگيج اسڪيننگ ۾ قيمتي ڌات جي امڪاني موجودگي جو شڪ ظاهر ٿيو، جاچ دوران مسافر جي سامان مان 3 ايس ٽي بي سون جون سرون/بسڪيٽ هٿ ڪيا جن مان هر هڪ جو وزن 10 تولا ڪل 30 تولا آهي، سون جون سرون وڏي مهارت سان موبائيل فونز اندر لڪائي رکيون ويون هيون. مسافر جي پرس مان 4 هزار 900 آمريڪي ڊالر به هٿ آيا جيڪي ڪرنسي ڊڪلريشن ڪائونٽر تي ظاهر نه ڪيو ويو هو، ان ڪيس جي ماليت اٽڪل هڪ ڪروڙ 56 لک 82 هزار روپيا آهي، ٻئي طرف ڪسٽمز عملي استنبول ويندڙ هڪ ٻي مسافر کي فلائيٽ نمبر ٽي ڪي 709 ذريعي روانگي دوران روڪيو ۽ سامان جي اسڪيننگ ۾ سون جون لڪايل سرن جو شڪ ظاهر ٿيو. جوائنٽ ايگزامينيشن ڪائونٽر تي تفصيلي جاچ دوران مسافر جي سامان مان 7 ايس ٽي بي سون جون سرون/بسڪيٽ هٿ آيا جن مان هر هڪ جو وزن 10 تولا (ڪل 70 تولا) بعد ۾ مسافر جي جسماني تلاشي دوران 7 هزار آمريڪي ڊالرن جي ان ڊڪليئرڊ پرڏيهي ڪرنسي هٿ آئي، ڪيس جي ماليت اٽڪل 3 ڪروڙ 50 لک روپيا آهي، ٻنهي ڪيسن ۾ هٿ آيل سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي ضبط ڪئي وئي آهي ۽ ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت ڪيس داخل ڪياويا آهن، ڄاڻايل ڪارروايون اسمگلنگ خلاف ايف بي آر جي پختي عزم ۽ قومي خزاني جي تحفظ لاءِ ڪسٽمز قانونن کي سختي سان لاڳو ڪرڻ جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں