قاهره - 17 جنوري (اي پي پي) جنگ کان پوءِ غزه جي حڪمراني لاءِ جوڙيل فلسطيني ڪميٽي مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڪميٽي آمريڪي ٽياڪڙي ۾ طي ٿيل غزه جنگبندي معاهدي جو ٻيو مرحلو لاڳو ڪرڻ سان گڏ جوڙي وئي هئي، جيڪا 15 ٽڪنوڪريٽس تي ٻڌل آهي، جن کي فلسطيني عسڪريت پسند تنظيم کان اسرائيلي جنگ جي بعد …
مصر: غزه جي حڪمراني لاءِ قائم فلسطيني ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
قاهره – 17 جنوري (اي پي پي) جنگ کان پوءِ غزه جي حڪمراني لاءِ جوڙيل فلسطيني ڪميٽي مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڪميٽي آمريڪي ٽياڪڙي ۾ طي ٿيل غزه جنگبندي معاهدي جو ٻيو مرحلو لاڳو ڪرڻ سان گڏ جوڙي وئي هئي، جيڪا 15 ٽڪنوڪريٽس تي ٻڌل آهي، جن کي فلسطيني عسڪريت پسند تنظيم کان اسرائيلي جنگ جي بعد فلسطيني علائقي جو انتظام سنڀالڻ جو ذميوار بڻايو ويو آهي. ڪميٽي جي ميمبر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي سرط تي پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جرڊ ڪشنر ۽ بلغاريه جي سفارتڪار نڪولي ملادينوف شرڪت ڪئي جن مان توقع آهي ته هو غزه جنگ بندي جي ٻي مرحلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته ايندڙ هفتي يا ان کان پوءِ واري هفتي غزه وينداسين، اسان جو ڪم اتي آهي ۽ اسان کي اتي ئي هجڻ گهرجي. ان ڪميٽي جي نگرا ني ”بورڊ آف پيس“ ڪندو جنهن جي سربراهي پاڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪندو. ڪميٽي جي هڪ ٻي ميمبر عمر شملي ٻڌايو ته 2 لک پري فيبريڪيٽڊ يونٽس غزه ۾ داخل ٿيندا ته جيئن تعليم، صحت ۽ سيڪيورٽي خدمتون فراهم ڪري سگهجن.











