آمريڪي صدر غزه جي بورڊ آف پيس لاءِ ٽوني بليئر ۽ مارڪو روبيو جي نامزدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن - 17 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر کي غزه جي ”بورڊ آف پيس“ جي باني ميمبرن طور نامزد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خاص ايلچي اسٽيو ٽڪوف، ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا کي به 7 رڪني باني ايگزيڪيوٽو …

واشنگٽن – 17 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر کي غزه جي ”بورڊ آف پيس“ جي باني ميمبرن طور نامزد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خاص ايلچي اسٽيو ٽڪوف، ناٺي جيرڊ ڪشنر ۽ عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا کي به 7 رڪني باني ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ شامل ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آمريڪي صدر پاڻ ان بورڊ جي سربراهي ڪندو ۽ ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ ميمبرن جو اعلان ڪيو ويندو.

مزید خبریں