ڪراچي-16 جنوري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران سمنڊ پار پاڪستانين، محنت ڪشن ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت معاملن تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين، محنت ڪشن …
سيد مراد علي شاهه سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي ملاقات
ڪراچي-16 جنوري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران سمنڊ پار پاڪستانين، محنت ڪشن ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت معاملن تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين، محنت ڪشن جي ڀلائي ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو.ملاقات دوران ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ کي صوبن حوالي ڪرڻ واري معاملي تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اي او بي آءِ ۽ ڊبليو ڊبليو ايف کي صوبن حوالي ڪرڻ سان محنت ڪشن کي نمايان فائدا ملندا ۽ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو.وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته جاري قانوني تڪرارن سبب اهي فنڊ هن وقت اثرائتي نموني استعمال نه ٿي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي صوبائي حڪومتون انهن کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ جي حيثيت ۾ آهن. هن زور ڏنو ته محنت ڪشن جي حقن جو تحفظ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي.وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يقين ڏياريو ته سڀئي مسئلا گڏيل صلاح مشوري ۽ اتفاقِ راءِ سان حل ڪيا ويندا.هن محنت ڪشن جي ڀلائي بابت معاملن کي اثرائتي نموني اڪلائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ لڳاتار رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ صلاح مشوري جو عمل جاري رکيو ويندو ۽ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي پنهنجي ٽيم سان گڏ ايندڙ اجلاس منعقد ڪندا جن ۾ اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ سان لاڳاپيل معاملن تي وڌيڪ غور ڪري عمل جوڳيون سفارشون تيار ڪيون وينديون. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته محنت ڪشن جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن ۽ اي او بي آءِ سميت محنت ڪشن جي ڀلائي سان لاڳاپيل ادارن ۾ سڌارن لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وڃي.ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سميت وفاقي سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري، آصف جمال، طارق حسن ۽ عمر مشتاق پڻ موجود هئا.











