وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻُڌڻي ڪالهه چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. بينچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه شامل هئا. ٻُڌڻيءَ دوران مختلف ڪمپنين جي وڪيل فروغ نسيم پنهنجا دليل جاري رکندي مؤقف اختيار ڪيو ته اسپيشل ٽيڪس …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻُڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻُڌڻي ڪالهه چيف جسٽس جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. بينچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه شامل هئا. ٻُڌڻيءَ دوران مختلف ڪمپنين جي وڪيل فروغ نسيم پنهنجا دليل جاري رکندي مؤقف اختيار ڪيو ته اسپيشل ٽيڪس ايئر 31 ڊسمبر جڏهن ته نارمل ٽيڪس ايئر 30 جون تي ختم ٿئي ٿو. هن عدالت کي ٻُڌايو ته ايف بي آر لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس ۾ سپر ٽيڪس کي ونڊ فال ٽيڪس قرار ڏنو جڏهن ته ڪيترن ئي موقعن تي ان جي ابتڙ مؤقف اختيار ڪيو ويو. فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سپر ٽيڪس دراصل ونڊ فال منافعي تي لاڳو ڪيل ٽيڪس آهي ۽ آمريڪي عدالت به ان قسم جي ٽيڪس کي بنيادي حقن سان ٽڪراءُ ۾ قرار ڏنو. ان موقعي تي چيف جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته اوهان مسلسل عدالتي فيصلن جا ريفرنس ڏئي عدالت جو ڪم وڌائي رهيا آهيو، ان تي فروغ نسيم جواب ڏنو ته هاڻ منهنجي لاءِ ته آساني ٿي وئي آهي، هاڻ عدالت کي ڏسڻو آهي. بعد ۾ ٻين ڪمپنين جي وڪيلن به دليل ڏيڻ جي گذارش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن دليل دهرائڻا آهن ته فروغ نسيم جا دليل اختيار ڪيو. وڪيلن مؤقف اختيار ڪيو ته هو عدالت آڏو نوان دليل پيش ڪندا. عدالت وڌيڪ ٻُڌڻي 19 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں