اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين جي مفت علاج جي لاءِ وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ عوامي ڀلائي جي عزم جو تسلسل آهي، علاج ۽ صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ عوام جو بنيادي حق آهي، رياست جي ذميواري آهي ته اها …
وزيراعظم پاران اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين لاءِ وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جاري، ڪمزور طبقي جو سهارو بڻجڻ رياست جي ذميواري آهي: شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين جي مفت علاج جي لاءِ وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ عوامي ڀلائي جي عزم جو تسلسل آهي، علاج ۽ صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ عوام جو بنيادي حق آهي، رياست جي ذميواري آهي ته اها ڪمزور طبقي جو سهارو بڻجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم صحت ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته علاج ۽ صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي، حڪومت عوام کي انهن جي درن تي اهي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، 2016ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪيو هو ۽ صوبن ۾ وڏي تيزي سان اهو پروگرام عوام تائين پهتو ۽ لکين خاندانن ان مان فائدو کنيو آهي. هن چيو ته صحت کان وڌيڪ زندگي ۾ ڪا ٻي شيءَ قيمتي نه آهي، صحت هوندي ته تعليم، رانديون ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ سرگرميون جاري رکي سگهجن ٿيون ۽ مخالفن کي به شڪست ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وزيراعظم صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، ان جي لاءِ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، صحت واري سيڪريٽري ۽ ان جي پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وزيراعظم صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ عوامي ڀلائي جي عزم جو تسلسل آهي، پاڪستان ۾ اشرافيه آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي لاءِ مهانگي ترين علاج جو انتظام ڪري سگهي ٿي پر عام ماڻهو، مزدورن ۽ غريب طبقي جي لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن، صحت هوندي ته انسان باوقار طريقي سان روزگار ڪمائي سگهندو، صحت هوندي ته نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا، صحت هوندي ته هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، مون کي اميد آهي ته ان پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ان سان دين ۽ دنيا ٻنهي ۾ ڀلائي ٿيندي، ٿرڊ پارٽي جي ذريعي پروگرام ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي، رياست عام شهري جي علاج جي ذميواري ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، سنڌ جو يقيني طور تي پنهنجو پروگرام هوندو، سنڌ جي وڏي وزير سان ان حوالي سان ڳالهه ڪري ان جو حل ڪڍنداسين ته جيئن اتي به اها سهولت ميسر هجي. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به صحت جا پروگرام موجود آهن، پنجاب ۾ به وڏي ڪاميابي سان صحت ڪارڊ پروگرام تي عملدرآمد جاري آهي ۽ اربين رپيا ان تي خرچ ڪيا پيا وڃن. تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته 2016ع ۾ ان پروگرام جي شروعات ڪئي وئي هئي، صحت هر شهري جو بنيادي حق آهي، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي مفت علاج جي سهولت حاصل ٿيندي، حڪومت صحت جون سهولتون هر شهري تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اهو پروگرام هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ شهرين کي علاج جي سهولت فراهم ڪندو، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 70 اسپتالون پروگرام ۾ شامل آهن. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو وزيراعظم صحت ڪارڊ استعمال نه ڪري رهيو آهي، باقي سمورن صوبن ۾ اها سهولت حاصل آهي، وزيراعظم جي ويزن ۽ قيادت سان صحت جو نظام مضبوط ۽ پائيدار ٿيندو، وزيراعظم صحت ڪارڊ ملڪ ۾ صحت جي سهولتن کي عوام تائين پهچائڻ جو تاريخي قدم آهي، ڪراچي ۾ صحت ڪارڊز جي لاءِ 16 اسپتالون مختص ڪيون ويون آهن. وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد ارشد قائم خاني چيو ته پهرين جنوري 2016ع تي صحت ڪارڊ جي جنهن سفر جي شروعات ڪئي وئي هئي اهو هاڻي يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، غربت سرويز موجب 66 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ ان جي لاءِ هليا وڃن ٿا ته اهي صحت جا خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪرڻ تاريخي قدم آهي، صحت ڪارڊ پروگرام سان هر پاڪستاني جي لاءِ ڪيش ليس علاج جي سهولت حاصل ٿيندي، 600 کان وڌيڪ اسپتالن ۾ ڪيش ليس علاج جي سهولت حاصل ٿيندي ڪٿي به رقم جي ادائيگي جي ضرورت پيش نه ايندي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻارن جي ب فارم کي صحت ڪارڊ جي طور تي استعمال ڪري سگهبو، صحت ڪارڊ پروگرام هر پاڪستاني جي لاءِ ڪيش ليس علاج جي سهولت فراهم ڪندو. هن چيو ته 10 سالن جي ڪوششن کانپوءِ اهو پروگرام يونيورسل آهي، 600 کان وڌيڪ پبلڪ ۽ پرائيويٽ اسپتالون ڪيش ليس علاج فراهم ڪنديون، گلگت جي جابلو علائقن کان وٺي گوادر جي سمنڊ تائين هر ڪنهن کي مفت سهولت حاصل ٿيندي، اهو نظام مستقبل ۾ وبائي مرضن يا ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري ريسپانس جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيراعظم صحت ڪارڊز پڻ ورهايا.











