شب معراج جي بابرڪت موقعي تي پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وڃن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي اپيل ڪئي آهي ته شب معراج جيڪا عظيم الشان روحاني ۽ ايماني اهميت رکندڙ رات آهي، ان ۾ پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شب معراج تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي اپيل ڪئي آهي ته شب معراج جيڪا عظيم الشان روحاني ۽ ايماني اهميت رکندڙ رات آهي، ان ۾ پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شب معراج تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي شب معراج جي برڪتن واري موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مبارڪ رات جي مذهبي اهميت ۽ روحاني قدر ۽ منزلت مان مسلمانن کي فائدو کڻڻ جي سعادت عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته شب معراج مسلمان امت جي لاءِ عظيم الشان روحاني ۽ ايماني اهميت رکندڙ رات آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ کي معراج جو شرف عطا فرمايو، اها رات اسان کي ايمان جي مضبوطي، عبادت جي اهميت، صبر، تقويٰ ۽ الله تعاليٰ سان ويجهڙائپ جو درس ڏي ٿي، اها رات مسلمانن جي لاءِ ايمان ۾ ثابت قدمي، صبر ۽ استقامت، الله جي اطاعت ۽ بلند ڪردار جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿي. هن چيو ته شب معراج اسان کي اهو پيغام ڏي ٿي ته نماز مومن جي معراج آهي ۽ ان جي ذريعي شخص ۽ معاشرو اخلاقي، روحاني ۽ عملي طور تي مضبوط ٿئي ٿو، اسان کي گهرجي ته ان بابرڪت رات مان سبق حاصل ڪندي پنهنجي انفرادي ۽ گڏيل زندگي کي اسلامي تعليم موجب بڻايون، گڏيل ڀائيچاري، اخوت ۽ عدل ۽ انصاف کي فروغ ڏيون. وزيراعظم چيو ته معراج جو واقعو ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته حق جي راهه ۾ آزمائشن ۽ مشڪلاتن کانپوءِ الله تعاليٰ جي نصرت ضرور پهچي ٿي ۽ فتح ۽ ڪاميابي لازمي امر آهي، مشڪلاتن جي ڏس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور طور تي استعمال ۾ آڻيندي ڪل الاهي جو اهو پيغام اسان جي انفرادي تربيت، قومي طرز عمل ۽ گڏيل زندگي ۾ وڏي ڪارائتي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اچو اسان الله تعاليٰ آڏو پنهنجي ملڪ جي لاءِ خصوصي دعائون ڪريون ته الله پاڪستان کي سدائين جي لاءِ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ڇڏي ۽ اسان جي قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪندي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جي ڪوششن کي قبول فرمائي.

مزید خبریں