ابوظهبي-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪيلس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.، جنهن ۾ وچ اوڀر جي تازي صورتحال، مجموعي علائقائي حالتن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي …
گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم پاران يورپي ڪميشن جي نائب صدر سان ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
ابوظهبي-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪيلس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.، جنهن ۾ وچ اوڀر جي تازي صورتحال، مجموعي علائقائي حالتن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين خطي جي عوام لاءِ پائيدار ترقي جي بنياد فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو، ان سان گڏو گڏ عرب امارات ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو ويو جيڪو ٻنهي ڌرين وچ ۾ مضبوط شراڪتداري جي عڪاسي ڪري ٿو. گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير يورپي يونين سان وڌندڙ لاڳاپن کي ساراهيندي اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ۽ ترقياتي حصيداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي خواهش جو به ورجاءُ ڪيو.











