واشنگٽن-16 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو پنهنجو نوبل امن انعام آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کي صدر ٽرمپ قبول به ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا وائيٽ هائوس اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ان نوبل انعام کي صدر ٽرمپ کي پيش ڪرڻ تي زور ڀريو جنهن بعد آمريڪي صدر ٽرمپ ان کي قبول ڪري ورتو. ان …
وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو پنهنجو نوبل امن انعام آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-16 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو پنهنجو نوبل امن انعام آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کي صدر ٽرمپ قبول به ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا وائيٽ هائوس اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ان نوبل انعام کي صدر ٽرمپ کي پيش ڪرڻ تي زور ڀريو جنهن بعد آمريڪي صدر ٽرمپ ان کي قبول ڪري ورتو. ان کان اڳ ماريا ڪورينا چادو چيو هو ته هن پنهنجو نوبل انعام ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش ڪري ڇڏيو آهي، پر ان وقت هن اهو واضح نه ڪيو هو ته ڇا آمريڪي صدر انعام قبول ڪيو يا نه. واضح رهي ته ٽرمپ ڪيترن ئي موقعن تي اهو بيان ڏئي چڪو آهي ته هو نوبل انعام جو مستحق آهي.











