رياض-16 جنوري (اي پي پي)سعودي شهري پٽ جي قاتل کي قصاص کان ڪجهه منٽ اڳ الله جي رضا لاءِ معاف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي شهري زايد سالم العطوي جو چوڻ هو ته الله جي رضا سڀني کان مٿانهون آهي، ان ئي سوچ منهنجي دل کي پرسڪون ڪيو. هن چيو ته فيصلي تي عمل کان اڳ معافي جي حوالي سان ڪوششون ڪيون ويون پر منهنجو جواب اهو ئي …
سعودي شهري پٽ جي قاتل کي موت جي سزا کان ڪجهه منٽ اڳ کيس معاف ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
رياض-16 جنوري (اي پي پي)سعودي شهري پٽ جي قاتل کي قصاص کان ڪجهه منٽ اڳ الله جي رضا لاءِ معاف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي شهري زايد سالم العطوي جو چوڻ هو ته الله جي رضا سڀني کان مٿانهون آهي، ان ئي سوچ منهنجي دل کي پرسڪون ڪيو. هن چيو ته فيصلي تي عمل کان اڳ معافي جي حوالي سان ڪوششون ڪيون ويون پر منهنجو جواب اهو ئي هو ته جيڪو ڪجهه ٿيندو اهو رب جي حڪم سان ٿيندو ۽ جيڪو لکيل آهي اهو ٿي رهندو. جڏهن پٽ جي قاتل کي سزا تي عمل لاءِ آندو ويو ته مون ڏٺو ته هو روئي پنهنجي گناهه جي معافي گهري رهيو هو جنهن تي مان کيس الله جي رضا لاءِ معاف ڪري ڇڏيو.











