آمريڪا ايران خلاف طاقت جي استعمال جو ضد ختم ڪري: چين

گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن ۾ وقتي نمائندي سن لي چيو آهي ته چين ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته ايران جي اندروني معاملن جو فيصلو ايران جي عوام کي پاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هن چيو ته …

گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن ۾ وقتي نمائندي سن لي چيو آهي ته چين ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀري ٿو ته ايران جي اندروني معاملن جو فيصلو ايران جي عوام کي پاڻ فيصلو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هن چيو ته چين آمريڪا کان مطالبو ڪري ٿو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري ڪندي طاقت جي استعمال جو ضد ختم ڪري. چيني نمائندي سن لي نشاندهي ڪئي ته آمريڪا جي ايران خلاف طاقت جي استعمال جي کليل ڌمڪين سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته طاقت سان مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهجي پر انهن کي وڌيڪ منجهيل ۽ ڏکيو بڻائي ڇڏيندي. چين ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي حمايت ڪري ٿو. عالمي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال يا ڌمڪي ڏيڻ، ٻين ملڪن تي پنهنجي مرضي مڙهڻ ۽ دنيا کي ٻيهر ”جهنگل جي قانون“ ڏانهن ڌڪڻ جي مخالفت ڪري ٿو. چين جو مطالبو آهي ته لاڳاپيل ڌريون عالمي برادري ۽ خطي جي ملڪن جي مطالبن کي سنجيدگي سان وٺن ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪن.

مزید خبریں