رياض _ 16 جنوري (اي پي پي ) سعودي عرب جي قيادت قبرص جي اڳوڻي صدر جارج واسليو جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان قبرص جي صدر نڪوس ڪرسٽو ٽوليڊيس ڏانهن الڳ الڳ تعزيتي پيغام روانا ڪيا آهن . سعودي عرب جي قيات اڳوڻي صدر جارج ويسليو جي ڪٽنب ۽ قبرص جي عوام …
سعودي عرب جي قيادت پاران قبرص جي اڳوڻي صدر جي وفات تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
رياض _ 16 جنوري (اي پي پي ) سعودي عرب جي قيادت قبرص جي اڳوڻي صدر جارج واسليو جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان قبرص جي صدر نڪوس ڪرسٽو ٽوليڊيس ڏانهن الڳ الڳ تعزيتي پيغام روانا ڪيا آهن . سعودي عرب جي قيات اڳوڻي صدر جارج ويسليو جي ڪٽنب ۽ قبرص جي عوام سان به تعزيت جو اظهار ڪيو . ياد رهي ته قبرص جي اڳوڻي صدر جارج ويسيلو 94 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . هو 1988ع کان 1993 ع تائين صدر جي عهدي تي مقرر رهيو . سندس دور ۾ قبرص 1990ع ۾ يورپي يونين جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏني . بعد ۾ قبرص 2004ع ۾ باضابط طورتي يورپي يونين جو ميمبر بڻيو جڏهن ته 2008 ۾ يورو ڪرنسي اختيار ڪئي .











