گرين لينڊ تي امڪاني آمريڪي قبضي، نيٽو لاءِ سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا: جرمني جو دفاع وارو وزير

 برلسن -16 جنوري (اي پي پي) جرمني جي دفاع واري وزير بورس پسٽوريئس چيو آهي ته آمريڪا جو گرين لينڊ تي قبضو ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، پر ائين ٿيو ته اهو نيٽو لاءِ غير معمولي قدم هوندو جنهن جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ بورس پسٽوريس چيو ته مون کي نٿو لڳي ته معاملو ان حد تائين پهچي ويندو . مان مستقبل بابت حتمي …

 برلسن -16 جنوري (اي پي پي) جرمني جي دفاع واري وزير بورس پسٽوريئس چيو آهي ته آمريڪا جو گرين لينڊ تي قبضو ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، پر ائين ٿيو ته اهو نيٽو لاءِ غير معمولي قدم هوندو جنهن جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ بورس پسٽوريس چيو ته مون کي نٿو لڳي ته معاملو ان حد تائين پهچي ويندو . مان مستقبل بابت حتمي ڳالهيون نٿو ڪري سگهان ، ممڪن آهي ته مان غلط ثابت ٿي وڃان . هن ٻڌايو ته پاڻ آمريڪا ۾ به اهڙا حلقا موجود آهن جيڪي ان قدم جي سخت مخالفت ڪن ٿا . سندس موجب نيٽو جي ڪنهن ميمبر ملڪ يا ان جي سرزمين تي آمريڪي فوجي حملو اهڙو غير معمولي قدم هوندو جنهن جي اتحاد تي گهرا اثر پوندا . جرمني جي دفاع واري وزير چيو ته اسان هر وقت مفروضن تي ڳالهيون ڪرڻ بدران پنهنجو ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا . هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو آمريڪا سان ڪو به سڌيءَ ريت خطرو نٿو ڏسي ، جڏهن ته  اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن کي هن ” ذهنيت جو حصو “ قرار ڏنو .

مزید خبریں