گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي مستقل نمائندي مائيڪ والٽز چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت سمورن امڪاني آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به آپشن کي خارج قرار نٿو ڏئي سگهجي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي نمائندي چيو ته آمريڪي صدر عملي پسند انسان آهي ، ۽ هو غيرضروري ڳالهين جو قائل …
ايران جي قول ۽ فعل ۾ تڪرار آهي ، صدر ٽرمپ غير ضروري ڳالهين جو قائل ناهي: آمريڪي نمائندو

مزید خبریں
گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي مستقل نمائندي مائيڪ والٽز چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران بابت سمورن امڪاني آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن به آپشن کي خارج قرار نٿو ڏئي سگهجي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي نمائندي چيو ته آمريڪي صدر عملي پسند انسان آهي ، ۽ هو غيرضروري ڳالهين جو قائل ناهي . هن واضع ڪري ڇڏيو ته سمورا آپشنز موجود آهن . مائيڪ والٽرز وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ ايران طرفان ڳالهين لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو ويندو آهي ، پر ان جا عملي قدم ابتڙ آهن . ايران چوندو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهي ، پر ان جا قدم ڪجهه ٻي ئي ڪهاڻي بيان ڪن ٿا . آمريڪي نمائندي جي انهن بيانن کي ايران بابت وڌندڙ ڇڪتاڻ جي نظر ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي ، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل ۾ ان مسئلي تي مختلف ملڪن تحمل سان سفارتڪاري ۽ عالمي قانون جي پاسداري تي زور ڀريو آهي .











