سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، صحت جي شعبي ۾ بهتريءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، صحت جي شعبي ۾ بهتريءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوانِ صدر ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ آئينده جي …

اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، صحت جي شعبي ۾ بهتريءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوانِ صدر ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ آئينده جي حڪمت عملي بابت منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي صحت، تعليم، غربت جي خاتمي، انفراسٽرڪچر، صنعت، زراعت ۽ آمدنيءَ ۾ واڌ جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو. هن ملڪ جي مالي مسئلن جي حل لاءِ سيلز ٽيڪس جي وصولي کي صوبن حوالي ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي. تقريب ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ڪي پي ڪي ۽ـ گلگت بلتستان جا گورنر، سڌ جو اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کان علاوه سنڌ ڪابينه جا ميمبر، پارليامينٽ جا ميمبر، پاڪستان ۾ مقرر پرڏيهي سفارتڪار، گڏيل قومن جي ادارن جي نمائندن، سڄي پاڪستان مان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي عهديدارن ۽ صحافين سميت زندگيءَ جي شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت هر دؤر ۾ درپيش چئلينجز کي بهترين حڪمت عمليءَ سان مُنهن ڏنو آهي، سنڌ ۾ عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن.  هن چيو ته پ پ جي حڪومت ترتيبوار ادارن کي مضبوط ڪيو ۽ عوام کي سهولتن جي فراهمي ۾ واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته 2008ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ هر صوبائي چونڊن ۾ پارٽيءَ کي پهريان کان وڌيڪ عوامي مينڊيٽ مليو آهي. صحت جي شعبي جو ذڪر ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ صحت لاءِ بجيٽ جو حصو 2008ع ۾ 2.9 سيڪڙو کان وڌي هاڻ تقريبن 10 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي واڌ جو حوالو ڏيندي چيو ته اتي بسترن جو انگ 1100 مان وڌائي 2025ع تائين 2200 ٿي چڪو آهي ۽ 2028ع تائين ان کي 3100 تائين کڻي وڃڻ جو هدف آهي. هن چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) سڄي صوبي ۾ 11 خاص اسپتالون ۽ 30 چيسٽ پين يونٽس هلائي رهي آهي جنهن سان دل جي مريضن کي هنگامي سهولتن تائين پهچ ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پي ايم سي ڪراچيءَ کي عالمي معيار جي اسپتال بڻائي جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي مرض جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي. صوبي ۾ اين آءِ سي وي ڊي طرز جي 11 اسپتالن مان هڪ سال ۾ 29 لک مريض علاج ڪرائي چڪا آهن. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ان جي بسترن جو انگ 760 مان وڌائي 1926 ٿي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ ڪينسر جو مهانگو ترين علاج مفت ڪيو پيو وڃي، صوبي ۾ پهريون ڀيرو ڪينسر جي علاج لاءِ سائبر نائيف ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ هاڻ تائين 1362 ڪامياب ليور ٽرانسپلانٽس ڪيا ويا آهن جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما (ايس ايم بي بي آءِ ٽي) ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو ٽراما سينٽر بڻجي چڪو آهي جتي ساليانو هڪ لک 75 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح 2.9 سيڪڙو آهي جيڪا قومي سراسري 5.45 سيڪڙو کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي. تعليم جي شعبي ۾ اڳڀرائيءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ 2008ع ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو انگ 10 هو جيڪو هاڻ وڌي 30 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ 18 نين يونيورسٽين جا ڪيمپس به قائم ڪيا ويا آهن. غربت جي خاتمي جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پروگرام ذريعي آسان قرضن جي عيوض 14 لک عورتن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي ريڪوري جي شرح 98 سيڪڙو آهي. پ پ چيئرمين 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذڪر ڪندي چيو ته صوبي ۾ 21 لک گهر تباهه ٿيا، جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت 21 لک ماحول دوست مضبوط گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو، هاڻ تائين 7 لک 50 هزار گهر مڪمل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ان منصوبي سان تقريبن 10 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن چيو ته ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حڪومت 2.1 ارب رپين جي ماليت جي ڪڻڪ جو ٻج 2 لک 15 هزار آبادگارن ۾ ورهايو جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ سيزن ۾ 45 لک ٽن جي رڪارڊ ڪڻڪ پيدا ٿي. هن چيو ته بينظير هاري ڪارڊ پروگرام سان هڪ لک 98 هزار آبادگارن کي فائدو پهتو جڏهن ته 56 ارب رپين جي ڪڻڪ سپورٽ پيڪيج ذريعي تقريبن 19.6 لک ايڪڙ ايراضيءَ تي پوک ممڪن ٿي. هن چيو ته سنڌ دنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشي نظام رکي ٿو جنهن ۾ 4 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ نهرون شامل آهن. اچ وڃ ۽ رسائيءَ جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ ۾ روڊن جو نيٽ ورڪ تقريبن 57 هزار ڪلوميٽرن تي ٻَڌل آهي، جن مان 24148 ڪلوميٽر نوان روڊ آهن يا پوءِ ان کي بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته 2008ع کان پهرين سنڌو درياهه تي صرف 5 پُليون هيون جڏهن ته ان کان پوءِ وڌيڪ 4 پُليون تعمير ڪيون ويون. هن چيو ته 2008ع کان اڳ صوبي ۾ عوامي ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر هئي پر هاڻ پ پ حڪومت جي منصوبن تحت روزانو 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو سفري سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن جن ۾ اليڪٽرڪ بسون به شامل آهن. هن چيو ته بينظير مزدور ڪارٽ پروگرام تحت 2 لک 2 هزار مزدورن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. توانائيءَ جي شعبي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ 50 هزار ميگاواٽ تائين ونڊ انرجي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي جڏهن ته شمسي توانائي جا به وسيع امڪان آهن، هن وقت 1845 ميگاواٽ بجلي ونڊ منصوبن مان حاصل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 2 لک گهرن کي سولر هوم سسٽم فراهم ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ 2 لک 75 هزار گهرن کي سولرائز ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سنڌ حڪومت جي نمايان سُڃاڻپ آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، ٿر ڪول منصوبو هڪ ڪامياب ماڊل قرار ڏنو ويو جنهن سان قومي بجلي جي پيداوار ۾ واڌ ٿي ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار مليو جتي 71 سيڪڙو ملامزتون ٿر جي رهواسين کي ڏنيون ويون. ماحولياتي بهتريءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ تمر جي ٻيلن جي ايراضي 2 لک 70 هزار ايڪڙ مان وڌي رڪارڊ 6 لک 75 هزار ايڪڙ ٿي وئي آهي. آمدنيءَ جي حوالي سان هن چيو ته 2011ع ۾ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) 28 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا. 2024ع تائين ايس آر بي سيلز ٽيڪس آن سروسز جي مد ۾ 307 ارب رپيا گڏ ڪيا. هن چيو ته ايس آر بي جي سراسري ساليانو اؤسر جي شرح 19 سيڪڙو آهي جيڪا ايف بي آر جي 10 سيڪڙو شرح کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. مالي سڌارن تي زور ڀريندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شين تي سيلز ٽيڪس جي وصولي صوبن کي منتقل ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته صوبائي روينيو ادارا بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ ان سان وفاقي مالي خسارو گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ صوبن جي معاشي خودمختياري مضبوط ٿيندي. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 2008ع کان پ پ سنڌ جي اقتدار ۾ آهي جيڪو صوبي جي عوام جو پارٽيءَ جو اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪيترائي ڀيرا پ پ کي چونڊي ان تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو عوامي خدمت لاءِ پارٽيءَ جي ڊگهي جدوجهد جي توثيق آهي. وڏي وزير چيو ته پ پ جي حڪمرانيءَ جو فلسفو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مان کنيل آهي، جنهن جو مقصد معاشري جي محروم ترين طبقن کي بااختيار بنائڻ ۽ جامع ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام پ پ تي پنهنجو اعتماد ظاهر ڪيو آهي ۽ صوبائي حڪومت صحت، تعليم، توانائي، هائوسنگ ۽ ٻين شعبن جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.