اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ٿائلينڊ جي سفير رونگ وڌي ويرا بوتر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ٿائلينڊ سان پنهنجن پُراڻن، دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ٿائلينڊ ۾ …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ٿائيلينڊ جي سفير جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ٿائلينڊ جي سفير رونگ وڌي ويرا بوتر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ٿائلينڊ سان پنهنجن پُراڻن، دوستاڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن ٿائلينڊ ۾ آيل سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان مختلف تهذيبن، ثقافتن ۽ مذهبن جو گهوارو آهي، هر سال وڏي انگ ۾ ٻڌمت، سک ۽ ٻين مذهبن جا پيروڪار پاڪستان ۾ مقدس ماڳن جي زيارت تي ايندا آهن، هتي گنڌارا تهذيب جا ڪيترائي اهم آثار موجود آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هڪ عالمي ۽ گڏيل چئلينج آهن. موسمياتي تبديلين جهڙن چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ۽ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. قومي اسيمبليءَ ۾ عورت ميمبرن تي ٻَڌل وومين پارليامينٽري ڪاڪس جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. وومين پارليامينٽري ڪاڪس عورتن جي حقن، فلاح بهبود ۽ تحفظ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- ٿائلينڊ پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سفير پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت اسپيڪر جي تجويزن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ٿائلينڊ پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ٿائلينڊ پاڪستان ۾ سماجي ترقي جي منصوبن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي. ٿائلينڊ جي تعاون سان پاڪستان ۾ ڪيترائي ترقياتي سماجي منصوبا جاري آهن. سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ٿائلينڊ پاڪستان سان اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي.












